ڏک سکن جي سونهن

ڏک سکن جي سونهن

ڏک سکن جي سونهن

ڏک سکن جي سونهن (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نوجوان ڪهاڻيڪار گل ڪونڌر جي ناوليٽ ۽ ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ’ڏک سکن جي سونهن‘ جي سري هيٺ ناوليٽ ۽ ڏهه ڪهاڻيون ’آس جي پڄاڻي‘، ’ويهن سالن کانپوءِ‘، ’ڪنهن سان شل ائين نه ٿئي‘، ’ڪاش ائين نه ٿئي ها‘، ’ديس جا ٻار‘، ’محبت جي ميخ‘، ’خوشين جي باغ ۾ اداس وڻ‘، ’عزت ۽ محبت‘، ’گل ۽ خوشبوءِ‘، ’بهار ۽ خزان‘ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ’ڪهاڻي نماڻي‘ جي سري هيٺ ناليواري ڪهاڻيڪار طارق عالم ابڙي لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب ۾ ناز سنائيءَ جو رايو به شامل آهي. هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي مرتضيٰ سيال جو تاثر ڏنو ويو آهي. 104 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي، جنهن کي سنڌي ساهت گھر، حيدرآباد نومبر 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو